اسلام آباد – 25 – جولائي (اي پي پي) پا??ست??ن چيو آهي ته هو گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب ڄمون ۽ ڪ??مير تڪرار جي منصفاڻي ۽ پرامن حل جي لاءِ ڪشميرين جي سياسي، سفارتي ۽ اخلاقي حم??يت جاري رکندو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ چيو ته جنيوا ۾ انساني حقن جي ڪميٽي تازو ئي ڀارت جي چوٿين لڳاتار رپورٽ تي غور ڪيو. هو شهري ۽ سياسي حقن جي ع??لم?? معاهدن جي شقن کي ڪهڙي طرح لاڳو ڪري ٿو. ترجمان چيو ته ڪارروائي دوران پبلڪ سيفٽي ايڪٽ ۽ پبلڪ سيڪيورٽي ايڪٽ جهڙي سخت قانونن تحت گرفتارين ۽ ڀارت جي غيرقانوني طور تي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪ??مير ۾ موبائيل انٽرنيٽ سروس جي مسلسل معطلي بابت اهم سوال اٿاريا ويا. هن چيو ته اهو ڀارت جي غيرقانوني طور تي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪ??مير ۾ انساني حقن جي خراب صورتحال بابت ع??لم?? انساني حقن جي مشينري جي مسلسل خدشن کي ظاهر ڪري ٿو. ترجمان چيو ته اسان ع??لم?? برادري کان مطالبو ڪريون ٿا ته هو والاريل ڄمون ۽ ڪ??مير ۾ ڀارت پاران انساني حقن جي انهن خلاف ورزين جو نوٽيس وٺي ۽ ڪ??ميري عوام تي ظلم ۽ ڏاڍ جو خاتمو ڪري.