اسلام آباد – 13 – آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي سيڪريٽري عنبرين جان چيو آهي ته اسان جي نئين نسل پاڪستاني ثق??فت ۽ ان جي خوبصورتي کان چڱي ريت آگاهه آهي، اسان هڪ باصلاحيت قوم جي حيثيت سان هر ميدان ۾ پنهنجو مقام حاصل ڪنداسين. اها ڳالهه هن انفارميشن سروس اڪيڊمي ۾ ڊائريڪٽوريٽ آف اليڪٽرانڪ ميڊيا اينڊ پبلي ڪيشنز جي اهتمام هيٺ آزادي ڏهاڙي ??ي تقريبن جي سلسلي ۾ ڊيجيٽل فوٽوگرافي ۽ پينٽنگ نمائش کي ??اص مهمان جي حيثيت سان خطاب ڪندي چئي. اطلاعات واري وفاقي سيڪريٽري نمائش ۾ شامل شاگردن جي تيار ڪيل تصويرن ۽ پينٽنگز کي ساراهيندي چيو ته شاگردن پاران ان فوٽوگرافي ۽ پينٽنگ نمائش ۾ شرڪت نئين نسل جو پنهنجي ملڪ سان وابستگي جو اظهار آهي. انهن تصويرن ۽ پينٽنگز ۾ ملڪ ۽ قوم جي ثق??فت جي ڀرپور عڪاسي ڪئي وئي آهي. هن ??اص طور تي شاگردن جي محنت ۽ ڪوششن کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو ته اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت هر سال آزادي جي ڏهاڙي ??ي موقعي تي اهڙي ??رح جا پروگرام منعقد ڪندي آهي. هن 14 آگسٽ جي موقعي تي ان شاندار نمائش منعقد ڪرڻ تي شاگردن، استادن ۽ اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت کي مبارڪباد ڏني. عنبرين جان ملڪ جي آزادي جي لاءِ بزرگن جي قربانين تي پڻ روشني وڌي. ڊائريڪٽوريٽ آف اليڪٽرانڪ ميڊيا اينڊ پبلي ڪيشنز جي اهتمام هيٺ منعقد نمائش ۾ ڪوڪنگ، موسيقي، تاريخي عمارتن، لباس ۽ تصويرن سميت مختلف شعبن ۾ پاڪستان جي ثق??فت کي پيش ڪيو ويو. نمائش ۾ مختلف يونيورسٽين جي شاگردن پاران ملڪ جي مختلف ثق??فتي سرگرمين جي عڪاسي ڪندڙ پينٽنگز پڻ پيش ڪيون ويون. اهڙي ??رح فيڊرل ڊائريڪٽوريٽ آف ايجوڪيشن جي اسڪولز جي شاگردن جي ٺاهيل پينٽنگز کي پڻ نمائش ۾ رکيو ويو. نمائش ۾ پاڪستان جي خوبصورت منظرن، ڍنڍن ۽ تاريخي عمارتن جون تصويرون ڏيکاريون ويون جن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪندڙن کي پنهنجي طرف متوجهه ڪيو. نمائش جي شرڪت ڪندڙن يونيورسٽي جي شاگردن پاران ملڪ جي ثق??فت کي شاندار پينٽنگز جي ذريعي پيش ڪرڻ تي ساراهيو. ان موقعي تي اطلاعات واري وفاقي سيڪريٽري شاگردن ۾ تعريفي سرٽيفڪيٽس پڻ ورهايا.