اسلام آباد-19 سيپٽمبر (اي پي پي) پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀ??و زرداريءَ جي 36هين سالگره 21 سيپٽمبر ڇن??ر ڏينهن ملهائي ويندي، سڄي ملڪ ۾ سالگره تقريبون منعقد ڪيون وينديون جڏهن ته پارٽي وومن ونگ پنجاب جي انتظام هيٺ لاهور ۾ مرڪزي تقريب پنجاب سيڪريٽريٽ ۾ منعقد ٿيندي جنهن جي خاص مهمان پ پ اڳواڻ ثمينه خالد گهرڪي هوندي. ان حوالي سان پ پ پنجاب جي صدر راجا پرويز اشرف ج?? چوڻ آهي ته هلندڙ سال پ پ سينٽرل پنجاب جون سموريون تنظيمون بلاول ڀ??و زرداريءَ جي 36هين سالگره مختلف انداز ۾ ملهائينديون. هن چيو ته هر ضلعي تنظيم پنهنجي ضلعي جي يتيم خاني ۾ هڪ پروگرام منعقد ڪندي جنهن ۾ پارٽيءَ جي ٽڪيٽ هولڊرن سميت سمورين ونگز جا عهديدار شرڪت ڪندا ۽ معصوم ٻارن ۾ بلاول ڀ??و زرداري طرفان تحفا پيش ڪيا ويندا.