اسلام آب??د ?? 20 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته چين هر مشڪل وقت ۾ ??اڪ??تان سان گڏ بيٺل رهيو آهي، چين ۽ ??اڪ??تان جي وچ ۾ معاشي لاڳاپا هر گذرندڙ ڏينهن سان گڏ وڌيڪ مضبوط ٿي رهيا آهن. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب هن اهڙن خيالن جو اظهار چيويافو جي چيئرمين جي قيادت ۾ روئي گروپ جي 9 رڪني وفد سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار، واپار واري وفاقي وزير ڄام ڪمال خان، صنعت ۽ پيداوار واري وفاقي وزير راڻا تنوير حسين?? سيڙپڪاري ۽ نجڪاري واري وفاقي وزير عبدالعليم خان، پاور واري وفاقي وزير اويس احمد خان لغاري ۽ ٻين لاڳاپيل اعليٰ سرڪاري آفيسرن شرڪت ڪئي. ملاقات ۾ ??اڪ??تان ۽ روئي گروپ جي وچ ۾ معاملا اڳتي وڌائڻ جي حوالي سان اسلام آباد ۽ بيجنگ ۾ ورڪنگ گروپس قائم ڪرڻ جو فيصلو پڻ ڪيو ويو. وزيراعظم جي تازي چين جي دوري کانپوءِ ??اڪ??تان ۾ چيني سيڙپڪاري جي حوالي سان اهم اڳڀرائي ٿي آهي ۽ چين جو روئي گروپ ??اڪ??تا?? ۾ ??المي معي??ر جا ٽيڪسٽائيل پارڪس قائم ڪندو. وزيراعظم ان موقعي تي چيو ته چين ??اڪ??تان جو اهڙو دوست ملڪ آهي جيڪو هر مشڪل وقت ۾ ??اڪ??تان سان گڏ بيٺل رهيو آهي. چين ۽ ??اڪ??تان جي وچ ۾ معاشي لاڳاپا هر گذرندڙ ڏينهن سان گڏ وڌيڪ مضبوط ٿي رهيا آهن. وزيراعظم وفد جي آجيان ڪندي چيو ته روئي گروپ چين ??اڪ??تان اقتصادي لنگهه تحت ساهيوال ڪول پاور پلانٽ جو پهريون سيڙپڪار هو. وزيراعظم روئي گروپ جي ??اڪ??تان جي ٽيڪسٽائيل جي شعبي ۾ سيڙپڪاري جي حوالي سان گهري دلچسپي کي ساراهيو. روئي گروپ جي چيئرمين چيويافو چيو ته اسان سيڙپڪ??ر جي حيثيت سان نه پر ??اڪ??تان جي دوست جي حيثيت سان ??اڪ??تان آيا آهيون. روئي گروپ جي چيئرمين وزيراعظم کي بطور پنجاب جي وڏي وزير جي دور ۾ تيز رفتار ترقياتي ڪمن جي حوالي سان پنجاب ۽ شهباز اسپيڊ جو ذڪر ڪيو ۽ اميد ظاهر ڪئي ته هن ڀيري به ترقياتي منصوبن جي تڪميل ۾ اها ئي رفتار ڏسڻ لاءِ ملندي. ان موقعي تي هن بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته روئي گروپ سنڌ صوبي ۽ پنجاب صوبي ۾ عالمي معي??ر جا ٽيڪسٽائيل پارڪس قائم ڪندو جنهن ۾ چين جي 100 جي لڳ ڀڳ وڏين صنعتن کي سيڙپڪاري جي دعوت ڏني ويندي. انهن ٽيڪسٽائيل پارڪس جو محور ??اڪ??تان جو ٽيڪسٽائيل روانگي واپار وڌائڻ ۽ ??اڪ??تان کي دنيا جو ٽيڪسٽئايل ۽ گارمينٽس حب بڻائڻ آهي. انهن ٽيڪسٽائيل پارڪس ۾ شمسي توانائي جو استعمال ٿيندو ۽ اهي زيرو ڪاربن ۽ خودڪ??ر جديد ٽيڪنالاجي تي ڪم ڪندا. انهن پارڪس سان پهرين مرحلي ۾ 2 ارب آمريڪي ڊالر جڏهن ته ٻئي مرحلي ۾ 5 ارب آمريڪي ڊالر جي برآمدات متوقع آهي. انهن ٽيڪسٽائيل پارڪس سان 3 لک کان 5 لک مقامي ماڻهن کي روزگ??ر جا موقعا فراهم ٿيندا. انهن ٽيڪسٽائيل پارڪس جو سنگ بنياد هن سال جي آخر ۾ رکيو ويندو ۽ اهي ٽن سال جي مدي ۾ مڪمل ٿيندا. روئي گروپ ڪراچي ۽ لاهور ۾ هڪ هڪ هول سيل ڪموڊٽي مرڪز پڻ قائم ڪندو. ان موقعي تي وزيراعظم نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊ??ر جي سربراهي ۾ خصوصي ڪميٽي جوڙڻ جي هدايت ڪئي. ڪميٽي ۾ واپار وارو وفاقي وزير?? سيڙپڪاري ۽ نجڪاري وارو وفاقي وزير، صنعت ۽ پيداوار وارو وفاقي وزير، پرڏيهي سيڪريٽري، خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل جو نمائندو ۽ ظفرالدين محمود شامل هوندا. وزيراعظم سان وفد جي ملاقات کانپوءِ سيڙپڪاري بورڊ ۽ روئي شيڊونگ گروپ جي وچ ۾ ??اڪ??تا?? ۾ ??ديد ٽيڪسٽائيل پارڪس قائم ڪرڻ جي حوالي سان مفاهمتي يادداشت تي صحيحن واري تقريب ٿي جنهن ۾ وزيراعظم پڻ شرڪت ڪئي.