اشڪ آباد – 11 – آڪٽوبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري 10 ۽ 11 آ??ٽوبر تي اشڪ آباد دوري دورا?? ترڪمانستان جي قيادت سان ون آن ون ملاقاتون ڪيون. ايوان صدر جي پ??يس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر ترڪمانستان جي صدر سردار بردي محمدوف ۽ ترڪمانستان جي قومي اڳواڻ ۽ ترڪمانستان جي پيپلز ڪائونسل جي چيئرمين ڪرنگولي بردي محمدوف سان ملاقات ڪ??ي. ??اڪستان ۽ ترڪمانستان جي اڳواڻن ملاقاتن دوران ٻطرفن لاڳاپن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪ??ي. ??نهي ملڪن جي اڳواڻن سمورن ??عبن خاص طور تي واپار ۽ ٻطرفا رابطا وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي خواهش جو اظهار ڪيو.
صدر ترڪمانستان جي قومي اڳواڻ ۽ ترڪمانستان جي صدر کي جلد پاڪستان جو دورو ڪرڻ جي دعوت جو ورجاءُ ڪيو. پاڪستان ۽ ترڪمانستان جي وچ ۾ مضبوط ۽ گهرا دوستاڻا لاڳاپا قائم آهن ۽ ٻنهي ملڪن جا لاڳاپا تاريخ ۽ خطي ۾ امن ۽ خوشحالي جي گڏيل ويزن تي ٻڌل آهن. صدر آصف علي زرداري عالمي فورم ”وقت ۽ تهذيبن جو گڏيل تعلق – امن ۽ ترقي جو بنياد“ ۾ شرڪت جي لاءِ ترڪمانستان جي دوري تي آهي. فورم 11 آ??ٽوبر تي مخدوم گلي فراگي جي پيدائش جي 300هين جنم ڏهاڙي جي موقعي تي منعقد ڪيو ويو.