اسلام آباد-16 آڪٽوبر (اي پي پي) پاڪستان پيپلز پارٽي جي نائب صدر سينيٽر شيري رحمان آئيني ??رميمن تي شروعاتي اتفاق ۽ گڏيل صلاح سان اڳيان وڌڻ جو جذبو جمهوريت جي فتح قرار ڏيندي چيو آهي ته شهيد محترمه بينظير ??ٽو جي ويزن جي سچائي 18 سالن کان پوءِ به ثابت ٿي رهي آهي. پ پ ميڊيا سيل مان جاري ڪيل بيان موجب شيري رحمان چيو ته اميد آهي ته سموريون سياسي ۽ جمهوري قوتون قوم کي اتفاق راءِ جو تحفو ڏينديون. ميثاقِ جمهوريت جي شروعات شهيد محترمه بينظير ??ٽو ڪئي، صدر زر??ار?? ان تي عمل ڪرايو، بلاول ڀٽو زر??ار?? 18 سالن کانپوءِ ان اڌوري ايجنڊا جي مڪمل ٿيڻ جي عمل جي اڳواڻي ڪري رهيو آهي. هن چيو ته ميثاقِ جمهوريت جي اڌوري ايجنڊا کي مڪمل ڪرڻ ۾ بلاول ڀٽو زر??ار?? تاريخي ڪردار ادا ڪري رهيو آهي، ڳالهيون ئي جمهوريت جي اصل طاقت ۽ بند دروازن جي ڪُنجي آهي، آئيني ??رميمن تي اتفاق جي سوچ ۽ جمهوريت جو جذبو ۽ پارليامينٽ جي بالادستي کي وڌيڪ مضبوط ڪندو. عدل جي نظام جي اصلاح سان ڪروڙين پاڪستانين ۽ جيلن ۾ سالن کان انصاف جي انتظار ڪندڙ ??يد??ن کي انصاف جي وقت سر فراهمي سان رليف ملي سگهندو. هن چيو ته ملڪ ۽ قوم، آئين ۽ قانون ۽ جمهوريت اصولن لاءِ گڏيل ڪوششن ڪندڙ جمهوري قوتون ۽ پارٽيون تحسين لائق آهن.