اسلام آباد -28 آڪٽوبر (اي پي پي) پارليامينٽيرينز فار گلوبل ايڪشن (پي جي اي) جي ميمبرن بئريسٽر عقيل ملڪ، بئريسٽر دانيال چوڌري ۽ ڊاڪٽر مرزا اختيار بيگ پي جي اي کي وڌيڪ اثرائتو بڻائڻ جي ضرورت تي زور ڀريندي چي?? آهي، ته عالمي امن ۽ انصاف جي فراهمي ۾ پارلياماني نمائندن جو ڪردار هن وقت اڳ کان وڌيڪ اهميت اختيار ڪري چڪو آهي، پاڪستان جي ميزباني ۾ ٿيندڙ ڪانفرنس ۾ عالمي قانون، موسمياتي تبديلي ۽ انساني حقن جهڙن اهم مسئلن تي ڀرپور ڳالهيون ٿي رهيون آهن، ان فورم ۾ شريڪ پاڪستاني ۽ عالمي نمائندن ان عزم جو ورجاءُ ڪيو ته پارليامينٽيرينز عالمي چئلينجن جي حل ۾ قائداڻو ڪردار ادا ڪندا. هو گذريل ڏينهن پارليامينٽيرينز فار گلوبل ايڪشن (پي جي اي) جي اجلاس جي افتتاحي تقريب جي ويهڪ کان پوءِ قومي خابر?? اداري اي پي پي سان ڳالهائي رهيو هو. پي جي ??ي جي ميمبر ۽ قانون ۽ انصاف بابت صلاحڪار بئريسٽر عقيل ملڪ چي?? آهي، ته پاڪستان هميشه عالمي انصاف ۽ انساني حقن جي اصولن جو پاسبان رهيو آهي. هن فلسطين ۽ ڪشمير جهڙن مسئلن تي عالمي برادري کي ٻٽي معيار جي خاتمي جي ضرورت تي زور ڀريو. سندس چوڻ هو ته پاڪستان جي جدوجهد عالمي انصاف کي هٿي وٺائڻ جي عڪاسي آهي ۽ اسان کي پنهنجي ملڪ جي خودمختياري ۽ سلامتي تي ڪو به سمجهوتو نه ڪرڻ گهرجي. پي جي ??ي جي ميمبر ۽ سڌ سماءَ بابت وفاقي پارلياماني سيڪريٽري بئريسٽر دانيال چوڌري چي?? ته پاڪستاني سياستدانن جو ڪردار عالمي امن ۾ اهم حيثيت رکي ٿو، ڪشمير ۽ فلسطين جي مسئلي جهڙن تڪرارن کي حل ڪرڻ لا??مي آهي ته جيئن هڪ منصفاڻو ۽ پائيدار امن قائم ٿي سگهي. دانيال چوڌري چي?? ته پاڪستان عالمي امن کي هٿي وٺائڻ ۾ بي مثال قربانيون ڏنيون آهن ۽ اسان عالمي انصاف جي اصولن تي ڪاربند رهنداسين. پي جي ??ي جي ميمبر ۽ پيپلز پارٽي جي اڳواڻ ڊاڪٽر مرزا اختيار بيگ قومي اسيمبلي جي اسپيڪر جي ڳالهين جي تائيد ڪندي چي?? ته موسمياتي تبديلي جهڙن چئلينجز تي عالمي سهڪار جي ضرورت آهي، پاڪستان عالمي برادري سان گڏ انهن چئلينجز کي منهن ڏيڻ لا??ِ تيار آهي. هن چي?? ته پاڪستان سدائين انساني حقن ۽ قانون جي حڪمراني جو علمبردار رهيو آهي ۽ عالمي امن جي بحالي ۾ هڪ اهم ڪردار ادا ڪندو رهندو. هن ان عزم جو ورجاءُ ڪيو ته پاڪستان عالمي انصاف، امن ۽ انساني حقن کي هٿي وٺائڻ لا??ِ پنهنجون ڪوششون جاري رکندو، عالمي برادري کي به هڪجهڙي انصاف جي اصولن تي عمل ڪرڻ گهرجي.