??سل??م آباد-29 آڪٽوبر (اي پي پي)خيبر پختونخوا جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي روسي وفد سان هتي ملاقات ڪئي. ملاقات دوران ڪي پي ڪي جي عوام طرفان خيرسگالي پيغام پهچايا ۽ صوبي ۾ روسي سي??پڪ??ري جي موقعن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. سينيٽ چيئرمين سيد ي??سف رضا گيلاني، اسپيڪر فيڊريشن ڪائونسل آف فيڊريشن ويلنٽينيا ميٽوينڪو جي اڳواڻيءَ ۾ پاڪستان جي دؤري تي آيل خاص پارلياماني وفد جي اعزاز ۾ ڊنر جو اهتمام ڪيو، جنهن ۾ ڪي پي ڪي جي گورنر، مختلف ملڪن جي سفيرن، سياسي پارٽين جي اڳواڻن ۽ اهم شخصيتن شرڪت ڪئي. ڊنر جو مقصد پاڪستان ۽ روس وچ ۾ لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بنائڻ ۽ ٻه طر??ي سهڪار کي هٿي وٺرائڻ هو. فيصل ڪريم ڪنڊي روسي وفد سان ملاقات دوران ڪي پي ڪي جي عوام طرفان خيرسگالي جا پيغام پهچايا ۽ صوبي ۾ روسي سي??پڪ??ريءَ جي موقعن تي ڳالهه ٻولهه ٿي. هن چيو ته ڪي پي ڪي ۾ توانائي، سياحت ۽ قدرتي وسيلن جي شعبن ۾ سي??پڪ??ريءَ جا وسيع موقعا موجود آهن ۽ روسي سي??پڪ??رن جي دلچسپي سان ٻنهي ملڪن کي فائدو ٿي سگهي ٿو. روسي اسپيڪر ڊنر جي دعوت تي پاڪستان جو شڪريو ادا ڪيو ۽ چيو ته روس پاڪستان سان لاڳاپن کي وڌيڪ هٿي ڏيڻ چاهي ٿو. هن چيو ته روس پاڪستان سان مختلف شعبن ۾ سهڪار وڌائڻ لاءِ پُرعزم آهي ۽ مستقبل م ٻنهي ملڪن وچ ۾ دوستيءَ وارا لاڳاپا وڌيڪ مضبوط ٿيندا.