اسلام آباد – 30 – آڪٽوبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اس??اق ڊار چيو آهي ته پاڪستان جي معيشت بحالي جي طرف گامزن آهي، حڪومت عوام جي معاشي حالت کي بهتر بڻائڻ جي ڪو??شن تي ڌيان ڏنو آهي، ملڪ پائيدار ترقي جي راهه تي گامزن آهي. نائب وزيراعظم اهڙن خيالن جو اظهار مالياتي موبائيل ايپلي ڪيشن ”لائيو بوگو“ جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته پاڪستان اسٽاڪ مارڪيٽ ايشيا ۾ بهترين ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪندڙ مارڪيٽ رهي آهي جڏهن ته معتبر عالمي ادارن جو چوڻ آهي ته پاڪستان جي معيشت بحالي جي طرف گامزن آهي. هن ان ڳالهه تي زور ڏنو ته اس??ن کي پنهنجي ماضي جو پاڻ جائزو وٺڻ ۽ ان ڳالهه تي غور ڪرڻ جي ضرورت آهي ته ڪهڙي طرح صحيح رستي تي هلي سگهجي ٿو. هن چيو ته حڪومت جي حڪمت عملي نجي شعبي جي ذريعي پيداري صلاحيت جي حوصلا افزائي ڪرڻ آهي ۽ حڪومت ان مقصد جي لاءِ نجي شعبي جي حوصلا افزائي جي لاءِ سهولت جو ڪم ڪيو آهي. محمد اس??اق ڊار چيو ته ملڪ ۾ هوائي اڏن کي آئوٽ سورس ڪيو پيو وڃي، جڏهن برطاني?? اهو ڪري سگهي ٿو ته بهتر خدمتن جي فراهمي جي مقصد سان هتي ڇو نه ٿو ڪري سگهجي. هن چيو ته حڪومت پنهنجي خرچن کي گهٽ ڪرڻ تي پڻ ڌيان ڏئي رهي آهي. محمد اس??اق ڊار چيو ته ملڪ جي آبادي 30 سالن کان گهٽ عمر جي نوجوانن جي 67 سيڪڙو تي ٻڌل آهي، فني شعبن ۾ اختراعي نظريا ڪميونٽيز جي زندگين کي سگهه ۽ ترقي ڏيندا.