رياض – 11 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ ڏهاڪن تي ٻڌل ڀائراڻا لاڳاپا هر گذرندڙ ڏينهن سان گڏ وڌيڪ مضبوط ٿي رهيا آهن، سعودي عرب هر مشڪل وقت ۾ پاڪستان جو ??اٿ ڏنو آهي، پاڪستان جي هنرمند افرادي قوت جي لاءِ سعودي عرب ۾ روزگار جي موقعن جي حوالي ??ان جلد وڏي اڳڀرائي متوقع آهي. وزيراعظم آفيس جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف سان سعودي عرب جي سيڙپڪاري واري وزير خالد بن عبدالعزيز الفالح ۽ ايڊوائيزر رائل ڪورٽ محمد التويجري عرب – اسلامڪ سمٽ جي موقعي تي ملاقات ڪئي جنهن ۾ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ تازي اقتصادي تعاون جي حوالي ??ان اڳڀرائي تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ ڏهاڪن تي ٻڌل ڀائراڻا لاڳاپا آهن جيڪي هر گذرندڙ ڏينهن سان گڏ وڌيڪ مضبوط ٿي رهيا آهن، سعودي عرب هر مشڪل وقت ۾ پاڪستان جو ??اٿ ڏنو آهي. وزيراعظم خادم حرمين شريفين شاهه سلمان بن عبدالعزيز ۽ سعودي ولي ??هد ۽ وزيراعظم شهزاده محمد بن سلمان جي لاءِ نيڪ خواهشن جو ??ظهار ڪيو. هن چيو ته فيوچر انويسٽمينٽ انيشي ايٽو فورم جي موقعي تي سعودي ولي ??هد ۽ وزيراعظم شهزاده محمد بن سلمان سان ملاقات انتهائي لاڀائتي رهي. وزيراعظم چيو ته سعدوي سيڙپڪاري واري وزير جو ??ازو پاڪستان جو ??ورو ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ سيڙپڪاري ۽ معاشي لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ جي حوالي ??ان هڪ اهم سنگ ميل هو. وزيراعظم ان ??ال??ه تي اطمينان جو ??ظهار ڪيو ته سعودي سيڙپڪاري واري وزير جي پاڪستان جي دوري ۾ تعاون جي 2.8 ارب ڊالر جي جن مفاهمتي يادداشتن تي صحيحون ٿيون انهن مان 8 تي ڪم شروع ٿي چڪو آهي. وزيراعظم عرب – اسلامڪ ملڪن جي غيرمعمولي ??ربراهي اجلاس جي انعقاد تي سعدوي قيادت کي خراج تحسين پيش ڪندي شاندار ميزباني تي سعودي حڪومت جا ٿورا مڃيا. ملاقات ۾ پاڪستان مان وڏي انگ ۾ هنرمند افرادي قوت جي لاءِ سعودي عرب ۾ روزگار جي موقعن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪندي وزيراعظم چيو ته ان حوالي ??ان جلد هڪ وڏي اڳڀرائي متوقع آهي، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ گڏيل دلچسپي جي شعبن ۾ وسيع تر تعاون عملي ??ڪل اختيار ڪري رهيو آهي جيڪو انتهائي خوش آئنده آهي. هن چيو ته آڪٽوبر ۾ پاڪ – سعودي بزنس فورم ۾ پاڪستاني ۽ سعودي ڪاروباري ادارن جي وچ ۾ ??ال??ه ٻولهه نئين سيڙپڪاري جي راهه هموار ڪئي آهي ۽ پاڪستان سان اقتصادي تعاون کي گهرو ڪيو آهي، خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل (ايس آءِ ايف سي) جي ذريعي ٿيندڙ اڳڀرائي پاڪستان ۾ غيرملڪي سيڙپڪاري کي تيز ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهي آهي. وزيراعظم سعودي قيادت جي ويزن 2030ع کي ساراهيندي پاڪستان پاران ان جي ڀرپور حمايت جي عزم جو ??ظهار ڪيو. وزيراعظم چيو ته سعودي عرب ۾ رهندڙ پاڪستان?? ٻنهي ملڪن جي اقتصادي ترقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيا آهن. ملاقات ۾ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار، اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ، وزيراعظم جو ??اص معاون طارق فاطمي پڻ موجود هئا.