اسلام آباد- 20 نومبر (اي پي پي) رٿابندي، ترقي ۽ خصوصي قدمن واري وفاقي وزير احسن اقبال ??يو آهي ته پاڪستان چيني صنعتن کي زمين فراهم ڪندو جڏهن ته انفرا اسٽرڪچر، مارڪيٽ ۽ ا??هن زونز جو انتظام هو پاڻ ڪندا، صنعتي زونز ??اء?? ون ونڊو سهولت فراهم ڪئي ويندي ته جيئن سيڙپڪارن کي ڪنهن قسم جي ڏکيائي کي منهن نه ڏيڻو پوي، زونز جي تعمير ۽ سهولتن جي فراهمي ۾ ڪنهن به قسم جي ڪوتاهي برداشت نه ڪئي ويندي. اهڙو اظهار هن ماڊل اسپيشل اڪنامڪ زونز (ايس اي زيز) ??اء?? جاين جي نشاندهي ۽ چيني صنعتن جي پاڪستان منتقلي ??اء?? پاليسي فريم ورڪ تي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ بورڊ آف انويسٽمينٽ جي عملدارن تفصيلي بريفنگ ڏني. احسن اقبال اجلاس کي خطاب ڪندي ??يو ته چين سان جي ٽو جي گڏيل تعاون ۾ وڌيڪ بهتري آڻڻ ج?? ضرورت آهي، پاڪستان چيني صنعتن کي زمين فراهم ڪندو. وفاقي وزير هدايت ڪئي سڀني کان پهرين ماڊل صنعتي زونز ??اء?? دستياب زمين جي مقدار جو تعين ڪيو ويندو ۽ ا??هن زونز جي ڀرپاسي ۾ بنيادي سهولتن جي دستيابي جو تفصيلي جائزو ورتو وڃي. هن وڌيڪ ??يو ته صنعتي زونز جي حوالي سان پاليسي جي تياري ??اء?? هڪ جامع ڪانسيپٽ نوٽ تيار ڪيو وڃي، احسن اقبال صنعتي زونز جي اهميت کي اجاگر ڪندي ??يو ته صنعتي زونز ??اء?? ون ونڊو سهولت فراهم ڪئي ويندي ته جيئن سيڙپڪارن کي ڪنهن به قسم جي ڏکيائي نه ٿئي. هن واضح ڪيو ته زونز جي تعمير ۽ سهولتن جي فراهمي ۾ ڪنهن به قسم جي ڪوتاهي برداشت نه ڪئي ويندي. وفاقي وزير ??يو ته چيني ڪمپنين سان هر مهيني باقاعدگي سان ملاقاتون ڪيون وڃن ۽ ا??هن جي مسئل?? جو فوري حل يقيني بڻايو ويندو. هن چيني شهرين جي سيڪيورٽي کي حڪومت جي اولين ترجيح قرار ڏيندي ??يو ته پاڪستان ۽ ترقي جي دشمنن کي پاڪ چين لاڳاپن ۾ ڏار وجهڻ ج?? اجازت نه ڏني ويندي. اجلاس ۾ اعليٰ عملدارن ۽ لاڳاپيل ادارن جي نمائندن شرڪت ڪئي.