اسلام آباد-04 ڊسمبر (اي پي پي)هائوسنگ اي??ڊ ورڪس واري وفاقي وزير ميان رياض حسين پيرزاده چيو آهي ته وڌندڙ آباديء?? سان هائوسنگ جي ضرورتن کي به هنگامي بنيادن تي ڏسڻو پوندو، پاليسي سازيءَ ۾ يونيورسٽين ۽ ريسرچرز جو اِن پُٽ ??ڻٽ?? آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن گذريل ڏينهن نيشنل يونيورسٽي آف ماڊرن لينگوئجز ۾ ريئل اسٽيٽ جي موضوع تي ڪانفرنس کي خاص مهمان طور خطاب ڪندي ڪيو. وفاقي وزير چيو ته نمل مبارڪن جي مس??حق آهي ته پهريون ڀيرو ان موضوع تي اهڙي ڪانفرنس منعقد ڪئي. هائوسنگ جي ضرورتن کي هنگامي بنيادن تي ڏسڻ ??ڻٽ?? آهي. هن چيو ته اسان کي انهن ملڪن جي ماڊلز جي پيروي ڪرڻي پوندي جن نئين آئيڊياز سان هائوسنگ ۽ ريئل اسٽيٽ ۾ بي پناهه ترقي ڪئي. ان سان گڏوگڏ پاليسي سازيءَ ۾ يونيورسٽين ۽ ريسرچرز جو اِن پُٽ به ??ڻٽ?? آهي. هن چيو ته ريئل اسٽيٽ ۽ هائوس??گ ۾ شفافيت ۽ سهڪار جو فقدان آهي، شاگرد اسان جو قيمتي سرمايو آهن جن جي شموليت ريئل اسٽيٽ جي شعبي ۾ نواڻ آڻيندي.