راولپنڊي-04 ڊسمبر (ا?? پي پي) چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي جنرل ساحر شمشاد مرزا عراق جي دوري دوران وزيراعظم محمد شياع السوداني، دفاع واري وزير ثابت محمد سعيد العباسي، گهرو وزير عبدالامير الشمري ۽ چيف آف ڊفينس فورسز جنرل عبدالامير رشيد سان ملاقات ڪئي. آءِ ايس پي آر موجب انهن ملاقاتن دوران ٻنهي طرفن کان گڏيل دلچسپي جي معاملن تي ڳالهيون ڪيون ويون جن ۾ سيڪيورٽي، دفاعي ??عا??ن ۽ موجوده علائقائي ماحول شامل آهن. ڌرين ٻطرفي فوجي سهڪار کي سگهه ڏيڻ وارن طريقن جو به جائزو ورتو ۽ دفاعي لاڳاپن کي مضبوط ڪرڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. عراق جي سول ۽ عسڪري قيادت پاڪس??ان?? هٿياربند فوج ج?? پيشيوراڻي صلاحيتن جي واکاڻ ڪندي دهشتگردي خلاف جنگ ۾ پاڪس??ان?? فوج جي قربانين جو اعتراف ڪيو، ان کان اڳ عراق جي هٿياربند فوج جي هيڊڪوارٽر پهچڻ تي چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي کي چست جٿي گارڊ آف آنر پيش ڪيو.