اسلام آباد – 11 – ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات، نشريات، قومي ورثي ۽ ثقافت واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو آهي ته 9 مئي تي مٽيءَ اڏائڻ وارا اڄ مٽيءَ ويهارڻ جي ڳالهه ڪري رهيا آهن، تحر??ڪ انتشار گولي هلڻ جو ڪوڙو بيانيو ٺاهي رهي آهي، گولي هلي آهي ته ??بوت سامهون ڇو نه ٿا آڻين؟ ڊوڙون ڇو لڳايون؟ موقعي تان ڀڄي ويندڙ بهانا ٺاهي رهيا آهن. چيئرمين پي ٽي آءِ بئريسٽر گوهر جي بيان تي ردعمل جو اظهار ڪندي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته گليلن، بلورن، پٿرن، اسٽن گنز ۽ هٿيارن سان ليس شرپسندن 26 نومبر تي وفاق تي چڙهائي ڪئي، پوليس ۽ رينجرز جي جوانن کي شهيد ۽ زخمي ڪيو، ان نقصان جو مداوو ڪير ڪندو؟ شهيد جوانن جو رت ڪنهن جي هٿن تي ڳوليون. وفاقي وزير چيو ته ??حر??ڪ انصاف وٽ گولي هلڻ جو ڪو هڪ ثبوت آهي ته ??امهون آڻي. هن چيو ته پرتشدد سياست ۽ پرتشدد احتجاج پي ٽي آءِ جو شيوو آهي، پنهنجي مٿان اٿندڙ سوالن جا جواب ڏين، الزام هڻي انهن کان منهن نه موڙين، 9 مئي سانحي جا سمورا ثبوت موجود آهن، تحر??ڪ انصاف جي پوري قيادت 9 مئي سانحي ۾ ملوث آهي.