اسلام آباد- 17 ڊسمبر (اي پي پي) قازخستان ۽ پاڪستان وچ ۾ وا??ار کي هٿي وٺرائڻ لاءِ شين ۽ مشينري جا ڊسپلي سينٽر قائم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. سيڙپڪاري ۽ نجڪاري بورڊ طرفان جاري بيان مطابق اهو فيصلو وفاق?? وزير عبدالعليم خان جي صدارت هيٺ اجلاس ۾ ڪيو ويو، جنهن ۾ قازخستان جي سفير يرزهان ڪستافن خاص شرڪت ڪئي. وفاق?? وزير چيو ته پاڪستان ۽ قازخستان هڪ ئي ڇِت هيٺيان ڪاروباري ڪميونٽي کي وڏي پيماني ت?? سهولتون فراهم ۽ آئينده ٽن سالن ۾ ٻه طرفي وا??ار جي ڳاڻيٽي ۾ 100 سيڪڙو اضافو ڪندا. ??ن چيو ته مختلف شهرن ۾ وڃڻ بجاءِ پرڏيهي سيڙپڪارن جي ضرورتن کي هڪ ئي مرڪز ۾ پورو ڪنداسين. ان موقعي تي قازخستان جي سفير پاڪستان ۾ ڊسپلي سينٽرز جي قيام ۾ گهري دلچسپيءَ جو اظهار ڪيو ۽ مڪمل سهڪار جي خاطري ڪرائي. اجلاس ۾ ٽيڪسٽائل، سرجيڪل اوزارن، اسپورٽس گڊز، هينڊي ڪرافٽ، ليدر مصنوعات ۽ـ زرعي اوزار شوڪيس ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو. وفاق?? وزير چيو ته پاڪستان قازخستان سان هڪ سال ۾ پنهنجي روانگي وا??ار ۾ 20 سيڪڙو اضافي ڪرڻ جو خواهشمند آهي. ٻين وچ ايشيائي ملڪن سان به گڏيل ڪاروباري حڪمت عملي اختيار ڪنداسين. ??ن چيو ته هر ملڪ ۾ گهرج مطابق اُتي جي ڊسپلي سينٽرز لاءِ پاليسي جوڙينداسين. قازخستان جي سفير وفاق?? وزير عبدالعليم خان سان ٻه طرف?? سهڪار ۾ گهري دلچسپي وٺڻ تي ٿورو مڃيو.