اسلام آباد – 06 – جنوري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي سيڪريٽري عنبرين جان ۽ پاڪستان ۾ بنگلاديش جي هاءِ ڪمشنر اقبال حسين خان جي وچ ۾ ملاقات ٿي جنهن ۾ پاڪستان ۽ ب??گلاديش جي وچ ۾ ميڊيا تعاون ۽ عوامي سطح تي رابطن کي فروغ ڏيڻ جي طريقن تي خيالن جي ڏي وٺ ٿي. اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت ۾ ٿيندڙ ملاقات ۾ ٻنهي ڌرين گڏيل ت??ريخي بيانيي ۽ ثقافتي قدرن کي اجاگر ڪرڻ جي لاءِ بهتر حصيداري تي ڌيان ڏنو جيڪا افهام ۽ تفهيم کي سگهه ڏي ٿي. اطلاعات واري وفاقي سيڪريٽري عنبرين جان چيو ته پاڪستان ۽ ب??گلاديش جي وچ ۾ پراڻا سفارتي ۽ ثقافتي لاڳاپا موجود آهن ۽ ٻنهي ملڪن جي مختلف شعبن ۾ تعاون جي گڏيل ت??ريخ آهي. هن پاڪستان ٽيليويزن ڪارپوريشن، ايسوسيئيٽيڊ پريس آف پاڪستان ۽ ريڊيو پاڪستان سميت رياستي ميڊيا ادارن جي پنهنجي بنگلاديشي هم منصب ادارن سان گڏيل پروڊڪشن ۽ خبرن جي مٽاسٽا جي شعبن ۾ حصيداري تي زور ڏنو. هن ان ڳالهه کي اجاگر ڪيو ته صحافين جي مٽاسٽا جو پروگرام پاڪستان ۽ ب??گلاديش جي ميڊيا پرسنز کي مختلف معاملن تي هڪ ٻئي جي موقف ۽ ب??انيي بابت بهتر طور تي ڄاڻڻ جو موقعو فراهم ڪري سگهي ٿو. بنگلاديش جي هاءِ ڪمشنر اقبال حسين خان ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ گهڻ رخي تعاون جي حوصلا افزائي جي لاءِ پاڪستان حڪومت جي قدمن کي ساراهيو. هن ٻنهي ملڪن جي عوام ??ي ڀاءُ قرار ڏيندي چيو ته گڏيل ت??اون جي پروگرامن جي ذريعي انهن جو رابطو ٻنهي ملڪن کي وڌيڪ ويجهو آڻيندو. ٻنهي ڌرين بنگلاديشي ڪيبل نيٽ ورڪس ??ي پاڪستاني خبرن ۽ تفريحي چينلز جي دستيابي کي وڌائڻ ۽ فل?? فيسٽيول ۽ فوٽوگرافي جون نمائشون منعقد ڪرڻ تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي.