اسلام آباد – 21 – جنوري (اي پي پي) وزي??اع??م عمران خان ترجيحي شعبن جي هفتيوار جائزي جي سلسلي ۾ ز??اع?? جي شعبي جي حوالي سان اهم اجلاس جي صدارت ڪئي. اجلاس ۾ وفاقي وزيرن، مخدوم خسرو بختيار، سيد فخر امام، صلاحڪار عبدالرزاق دائود، خاص مددگار ڊاڪٽر معيد يوسف ۽ لاڳ??پي?? اعليٰ آفيسرن شرڪت ڪئي، ان کانسواءِ چئني صوبن جي چيف سيڪريٽرين وڊيو لنڪ جي ذريعي شرڪت ڪئي، اجلاس ۾ وزي??اع??م کي پائيدار تر??ي واري پاليسي انسٽيٽيوٽ جي تعاون سان ٺاهيل فوڊ سيڪيورٽي ڊيش بورڊ تي اڳڀرائي تي بريفنگ ڏني وئي ۽ ٻڌايو ويو ته ڊيش بورڊ کي فني طور تي مڪمل ڪري فوڊ سيڪيورٽي واري وزارت جي حوالي ڪيو ويو آهي، ان کانسواءِ وزي??اع??م کي ٻڌايو ويو ته ڊيش بورڊ جي مدد سان فيصلا سازي لاءِ گهربل ڊيٽا کي حاصل ڪرڻ کي صوبن جي مدد سان يقيني بڻايو پيو وڃي، ان جي لاءِ صوبن جي لاڳ??پي?? کاتن جي صلاحيت وڌائي پئي وڃي، اهو به ٻڌايو ويو ته ڊيٽا حاصل ڪرڻ نجي ۽ سرڪاري ذريعن ??ان يقيني بڻائڻ سان گڏوگڏ ڊيش بورڊ ۾ کنڊ ۽ ڪڻڪ کانسواءِ گهٽ مدي واري جنسن جهڙوڪ ڀاڄين جي کپت ۽ دستيابي جي نگراني به ڪئي ويندي.