اسلام آباد – 28 – مارچ (اي پي پي) پاڪستان تحريڪ انصاف جي وائيس چيئرمين ۽ پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي، دفاع واري وزير پرويز خٽڪ، منصوبابندي وارو وفاقي وزير اسد عمر تي ٻڌل حڪومتي وفد اسلام آباد ۾ ق ليگ جي قيادت سان ??لاقات ڪئي. ملاقات ۾ پن??اب اسيمبلي جو اسپيڪر پرويز الاهي، وفاقي وزير مونس الاهي، هائوسنگ وارو وفاقي وزير طا??ق بشير چيمه، قومي اسيمبلي جا ميمبر چوڌري سالڪ حسين ۽ چوڌري حسين الاهي موجود هئا، ملاقات ۾ هنن موجوده سياسي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي.