اسلام آباد – 21 مارچ (اي پي ??ي) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته ڪورونا وائرس جي چئ??ينج کي مُنهن ڏين لاءِ سڄي دنيا کي گڏيل ڪوششون ڪرڻيون پونديون. پاڪستان جهڙا اُسرندڙ ملڪ جيڪي پهريان ئي ق??ض هيٺان دٻيل آهن، هن وقت درپيش عالمي تناظر ۾ ان کي قرضن جي ادائگيءَ ?? رليف فراهم ڪيو وڃي ته جيئن هو پنهنجي وسيلن کي ان عالمي وبا جو مقابلو ڪرڻ لاءِ استعمال ڪري سگهي.