اسلام آباد – 31 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سان آمريڪن بزنس ڪائونسل جي وفد ملاقات ڪئي، ??لاقات ۾ ناڻي وارو صلاحڪار ڊاڪٽر عبدالحفيظ شيخ، واپار وارو صلاحڪار عبدالرزاق دائود، سيڙپڪاري ??ورڊ جو چيئرمين عاطف بخاري ۽ ٻيا سينئر آفيسر به موجود هئا. وفد موجوده حڪومت جي طرفان ڪاروباري ??رادري ??ي لاءِ سهولتون خاص طور تي ايز آف ڊوئنگ بزنس جي حوالي سان ڪيترن ئي قدمن کي ساراهيو، وفد ۾ موجود مختلف شعبن سان تعلق رکندڙ ماڻهن پنهنج?? ڪمپنين جي ڪاروباري ??رگرمين ۽ لاڳاپيل معاملن تي وزيراعظم کي بريف ڪيو، وفد جي ميمبرن چيو ته حڪومت جي ڪاروبار دوست پاليسين جي ڪري پاڪستان ۾ ڪم ڪندڙ آمريڪ?? ڪمپنين جي حوصلا افزائي ٿي آهي ۽ اهي پنهنجي سيڙپڪاري کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ جي خواهشمند آهي، ڪاروباري ??بقي جي لاءِ وڌيڪ آسانيون پيدا ڪرڻ جي حوالي سان وفد مختلف تجويزون وزيراعظم کي پيش ڪيون، وزيراعظم وفد کي خ??اب ڪندي چيو ته ڪاروباري ??رادري ??ي راهه ۾ ايندڙ رڪاوٽن کي ختم ڪرڻ، منافع بخش ڪاروبار جي لاءِ موافق فضا جي فراهمي کي يقيني بڻائڻ حڪومت جي اولين ترجيح آهي.