اسلام آباد – 25 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان افغانستان جي صدر اشرف غني سان ٽيليفون ??ي رابطو ڪري افغان امن عمل ۽ ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وزيراعظم ميڊيا آفيس موجب ان موقعي تي وزيراعظم افغان امن عمل جي لاءِ پاڪستان جي پختي حماي?? کي ورجايو ۽ چيو ته انهن ڪوششن سان آمريڪا طالبان امن معا??دو ۽ بين الافغان ڳالهيون شروع ٿيڻ جي صورت ۾ مثبت نتيجا نڪتا آهن.